بينجمن سسٽرز

بينجمن سسٽرز

بينجمن سسٽرز

بينجمن سسٽرز: ٽِن ڀينرن نريسا، بينا ۽ شبانه جي گائڪيءَ تي مشتمل مشھور پاڪستاني گروپ. سندن پيءُ وڪٽر بينجمن، زائلوفون(Xylophone) جو ماھر ھو، جنھن پنھنجن ڌيئرن کي ”ڪرائسٽ دي ڪنگ“ چرچ ڪراچيءَ ۾، هر آچر تي ٿيندڙ مذهبي گڏجاڻي ‘ماس’ (Mass) ۾ ڳائڻ جي ترغيب ڏني. اھا ئي ٽنھي ڀينرن جي موسيقيءَ جي تربيت ھئي، جيڪا ھنن چرچ مان حاصل ڪئي. شوبز جي دنيا ۾ هن گروپ کي نامور پاڪستاني موسيقار جاويد الله دتا متعارف ڪرايو. بينجمن ڀينرن پھريون ڀيرو 1978ع ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو. ان کانپوءِ 1987ع تائين پاڪستان ٽيليويزن تي نشر ٿيندڙ موسيقيءَ جي ڪيترن ئي پروگرامن وسيلي تمام گهڻي مقبوليت حاصل ڪئي. ننڍپڻ ۾ هنن سھيل رانا جي موسيقيءَ جي مشھور پروگرام ”سنگ سنگ چلين“ ۾ شرڪت ڪئي. سندن پروگرامن جي هدايتڪاري اڪثر پاڪستان جي مشھور راڳ ڊائريڪٽر سھيل رانا ڪئي. انھن پروگرامن جو مقصد ٻارن کي موسيقيءَ جي سکيا ڏيڻ ھو. جنرل ضياءُ الحق جي دور ۾ ميڊيا تي لڳل پابندي وارن ڏينھن ۾ بينجمن ڀينرن جي اردو ۽ پنجابي گيتن انڊسٽري ۾ هڪ طوفان برپا ڪيو. 1980ع جي ڏهاڪي ۾ انور مقصود جي پروگرام ”سلور جوبلي“ ۾ بينجمن ڀينرن، مشهور فنڪارن جا گيت ڳائي کين خراج تحسين پيش ڪيو. گيتن کان سواءِ، هنن قومي ملي نغما پڻ ڳايا، جن ۾ ’خيال رکنا‘ (عالمگير سان گڏ)، ’اي روح قائد آج ڪي دن‘ ’ هم زنده قوم هين’ ۽ ’اس پرچم ڪي سائي تلي هم ايڪ هين‘ تمام گهڻا مشھور ٿيا. 1987ع کان پوءِ گهريلو زندگيءَ جي مصروفيتن سبب شوبز جي دنيا کان پري رهنديون پيون اچن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو